اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل پريس بيان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نگران پرڏيهي جليل عباس جيلاني پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سفارتي تاريخ ۾ تيزي سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏانهن وڃي ٿو، نگران پرڏيهي وزير وڏي ڏاهپ سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان پرڏيهي معاملن واري وزارت جي پريس ريليز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپسي تي اتفاق ٿيو آهي. بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Illegal use of LPG as fuel behind blasts in public transport: APCNGA
-
PML-N takes Gulalai furore to Lower House
-
ٹاپ آئی فون سلاٹ ایپس بہترین گیمنگ تجربہ
-
ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلنے کے طریقے اور فوائد
-
افسانوی مخلوق اور سلاٹ مشینیں: ایک پراسرار ربط
-
سلاٹ کھیلوں میں اتار چڑھاؤ کا تجزیہ اور اس کے اثرات
-
پری پیڈ کارڈز کے ساتھ سلاٹس کھیلنے کے طریقے اور فوائد
-
پری پیڈ کارڈز کے ساتھ سلاٹس کھیلنے کا آسان طریقہ
-
سلاٹ مشین ریلز کی تاریخ اور اہمیت
-
2025 کے ٹاپ موبائل سلاٹ گیمز: نئی ٹیکنالوجی اور دلچسپ تجربات
-
2025 کے ٹاپ موبائل سلاٹ گیمز
-
پختونخوا میں سلاٹ مشینوں کی پابندی اور اس کے اثرات