اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ 104 پاڪستاني ۽ غيرملڪي شخصيتن کي اعزاز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهي اعزاز 23 مارچ 2025ع تي اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ عطا ڪ??ا ويندا. عوامي خدمت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي نشان پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. راندين جي شعبي ۾ ارشد نديم کي هل??ل امتياز ۽ مراد سدپاره کي ستاره امتياز جڏهن ته ادب جي شعبي ۾ ناصر ڪاظمي مرحوم کي نشان امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پرنس عبدالعزيز بن سلمان السعود کي هل??ل پاڪستان عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عامر حفيظ ابراهيم کي هل??ل امتياز، ڊاڪٽر غلام محمد علي ۽ سردار محمد آفتاب احمد خان وٽو کي ستاره امتياز جڏهن ته ڊاڪٽر سارا قريشي، ڊاڪٽر رفيع الدين ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عثمان قمر کي تمغه امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح تعليم جي شعبي ۾ سعديه رشيد کي هل??ل امتياز، ضياءَ الحق، ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين ۽ سيد اظهر حسين عابدي کي ستاره امتياز، برڪت شاهه، عبدالرشيد ڪاڪڙ ۽ عنيقه بانو کي حسن ڪارڪردگي تي صدارتي ايوارڊ عطا ڪ??و ويندو. طب جي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شه??يا?? ۽ ڊاڪٽر ز??يا?? سيٽنا کي هل??ل امتياز، ڊاڪٽر عاڪف الله خان، ڊاڪٽر سيد عابد مهدي ڪاظمي ۽ اڪرام الله خان کي تمغه امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. فنون جي شعبي ۾ ڪالن ڊيوڊ کي ستاره امتياز، ارشد عزيز ملڪ، بختيار احمد ۽ بئريسٽر ظفرالله کي تمغه امتياز عطا ڪ??و ويندو، فريحه پرويز، حامد رانا، شيبا ارشد ۽ نويد احمد ڀٽي کي حسن ڪارڪردگي تي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويندو. ادب جي شعبي ۾ ناصر ڪاظمي مرحوم کي نشان امتياز، جاويد جبار کي هل??ل امتياز، سلمان اعواڻ، ظفر وقار تاج ۽ منيزه شمسي کي ستاره امتياز ڏنو ويندو، سيد جواد حسين جعفري کي تمغه امتياز جڏهن ته عنبرين حسيب کي حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويندو. راندين جي شعبي ۾ مقصود احمد، عماد شڪيل بٽ، رحمان اشتياق ۽ مير نادر خان مگسي کي تمغه امتياز، عامر اشفاق کي حسن ڪارڪردگي بابت صدارتي ايوارڊ عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سماجي خدمتن ۽ خدمت خلق جي شعبي ۾ ميان عزيز احمد، حنيد لاکاڻي، ثناءَ هاشواڻي ۽ سفيناز منير کي ستاره امتياز جڏهن ته خواجه انور مجيد ۽ حسين دائود کي هل??ل امتياز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ٽيڪس گذارن ۽ ايڪسپورٽر?? ۾ ??يد عمران علي شاهه، ناظم الدين فيروز، امتياز حسين، عدنان نياز، زاهد احمد ۽ سيد اسد حسين زيدي کي ستاره امتياز عطا ڪ??و ويندو. عوامي خدمتن جي شعبي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نشان پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذ??ڪر حسين بلوچ کي ستاره شجاعت عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪيپٽن (ر) محمد خرم آغا، ڊاڪٽر سيد توقير حسين شاهه ۽ عمر فاروق کي هل??ل امتياز عطا ڪ??و ويندو. ڊاڪٽر روبابه خان بليدي، ڊاڪٽر حامد عتيق سرور، وقاص الدين سيد، جميل احمد، اياز خان، احمد اسحاق جهانگير ۽ عرفان نواز ميمڻ کي ستاره امتياز عطا ڪ??و ويندو، سيد شڪيل شاهه، اشهد جواد، رباب سڪندر، محمد يوسف خان، ڪارڊينل جوزف ڪائوٽس، ريحان مهتاب چاولا، ريئر ايڊمرل تنوير ۽ عامر محمود لاکاڻي کي تمغه امتياز سان نوازيو ويندو. بهادري جي اعتراف ۾ سب انسپيڪٽر تيمور شهزاد شهيد، سپاهي محمد آصف شهيد، ايس پي محمد اعجاز خان شهيد، ڊي ايس پي سردار حسين شهيد، ڊي ايس پي علامه اقبال شهيد، ايل ايڇ سي محمد فاروق شهيد، ايڊيشنل ايس ايڇ او عدنان آفريدي شهيد، الهه رکيو نندواڻي، ڪانسٽيبل جهانزيب ۽ ڪانسٽيبل ارشد علي شهيد کي هل??ل شجاعت عطا ڪ??و ويندو. ملڪ سبز علي شهيد ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حمزه انجم کي ستاره شجاعت سان نوازيو ويندو. ملڪ محمود جان شهيد، سعيد خان، سميع الله خان شهيد، صاحب خان ۽ ڊاڪٽر شفيع محمد بزنجو کي تمغه شجاعت عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ غيرملڪي ماڻهن کي به اعزاز عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پرنس عبدالعزيز بن سلمان السعود کي هل??ل پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. فوچي هنگ ۽ محمد سيف السويدي کي هل??ل قائداعظم عطا ڪ??و ويندو. ڊاڪٽر ماجد بن عبدالله الڪسبي ۽ انجنيئر عبدالله السواها کي ستاره پاڪستان سان نوازيو ويندو، حيدر قربانوف ۽ ڊاڪٽر ڪرسٽين شموٽزر کي ستاره قائداعظم عطا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. لوڪاس ووارل، ڊاڪٽر اورور ديدير، پروفيسر وليريه فيوراني پياسينٽيني ۽ اگستينو دا پولنزا کي تمغه پاڪستان عطا ڪ??و ويندو، چانگ بائو چُنگ ۽ شن من ليو کي تمغه قائداعظم سان نوازيو ويندو. صدر آصف علي زرداري ڊيانامڪ آرٿر کي تمغه خدمت عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.
متعلقہ مضامین
-
Murree schools closed due to heavy rain
-
President Zardari leaves for Lisbon to condole over death of Prince Karim Agha Khan
-
PPP submits motion against harassment cases in KP educational institutions
-
CTD Punjab arrests two terrorists who attacked I-9 Police Station Islamabad
-
Karachi court rejects journalist Farhan Mallick’s bail application
-
Pakistan takes step toward crypto revolution with landmark deal
-
Fortune Fortune Tree Entertainment آفیشل لنک تفریحی دنیا تک رسائی کا بہترین ذریعہ
-
Iranian president to arrive in Pakistan today
-
Canadian High commissioner meets Dr Asim during Rs 462bn corruption case hearing
-
FC praised for defeating militants in FATA
-
Power generation in Tarbela dam at its lowest levels
-
بیکریٹ انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ پلیٹ فارم: تفریح اور اعتماد کا نیا دور