اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن چونڊن کي پُرامن رٿڻ ۽ فول پروف سيڪيورٽي لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪستاني فوج جي مقرريءَ لاءِ 19 نڪاتي ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيو. پاڪستاني فوج صرف نشاندهي ٿيل حساس پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر هوندي. سول آرمڊ فورسز بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران پرنٽنگ پريس جي حفاظت تي مقرر هوندي. چونڊ سامان جي آر اوز جي آفيسن کان پولنگ اسٽيشنن تائين رسائي، ڳڻتي ۽ چونڊ عمل مڪ??ل ٿيڻ کان پوءِ چونڊ سامان جي واپسي آر اوز جي آفيس تائين واپسي تائين سيڪيورٽي مهيا ڪندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق مطابق هٿياربند فوج پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 245 ۽ پنهنجي مينڊيٽ جي حدن تحت پنهنجون ذميداريون ادا ڪندي اليڪشن ڪميشن جي عام چونڊن جي رٿڻ ۾ ووٽرن کي محفوظ ماحول جي فراهمي، ووٽرن جي حفاظت سان پولنگ اسٽيشنن تائين پهچڻ ۾ معاونت ڪندي. محفوظ ماحول کي ي??يني بڻائڻ لاءِ پوليس پهرين درجي جي ذميداري، جڏهن ته سول آرمڊ فورسز ٻئين ۽ پاڪستاني فوج ٽئين درجي جي ذميدار هوندي. آئين جي آرٽيڪل 220، 245 ۽ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 4 ۽ 5 ۽ چونڊ قانون 2017ع جي شق 193 ۽ سيڪشن 5 تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. هر آفيسر ۽ جي سي او اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت پنهنجن اختيارن کي وقت سر استعمال ڪندو. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز، رٽرننگ آفيسرز، پرزائيڊنگ آفيسرز ۽ پولنگ عملي کي پنهنجا فرض سٺن اخلاقن سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ هٿياربند فوج محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. چونڊ ضابطه اخلاق مطابق چونڊ عمل ۽ خاص طور تي ووٽنگ جي عمل دوران غير جانبدار رهندا ۽ ڪن??ن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي حق يا مخالفت ۾ ڪم نه ڪندا. غير قانوني صورتحال کي قانون مطابق ڏسندا. شڪي ووٽرز جي نشاندهي ڪندا ته جيئن پوليس جا اهلڪار اهڙن ووٽرن جي پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ داخلا کان پهرين ان جي جامع تلاشي وٺن، ان ڳالهه کي ي??يني بڻايو ويندو ته ڪوبه شخص پاڻ سان هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا منع ٿيل شيءِ پولنگ اسٽيشن جي اندر نه کڻي وڃي سگهي. نشاندهي ڪيل حساس پولنگ اسٽيشن ٻاهران خدمتون سرانجام ڏيندي خاص طور تي پُرامن ماحول کي برقرار رکڻ تي ڌيان ڏيندا. پولنگ اسٽيشن ٻاهران ڪن??ن به بي ضابطگي، بد انتظامي جنهن سبب امن امان جي صورتحال خراب هئڻ جو خدشو هجي، جو اطلاع پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي ڏيندا ۽ جاري ڪيل هدايتن مطابق عمل ڪندا. جيڪڏهن پرزائيڊنگ آفيسر ڪن??ن مبينه بي ضابطگي يا بد انتظامي ڪندڙ کي روڪڻ لاءِ ڪم نٿو ڪري ته سيڪيورٽي عملو فوري ط??ر تي ان معاملي کي لاڳاپيل آر او جي نوٽيس ۾ آڻي. سمورن لاڳاپيل قانونن تي عمل ۽ چونڊ عمل دوران امن امان ۽ محفوظ ماحول جي فراهمي کي ي??يني بڻائيندا. بااختيار مبصر ۽ ميڊيا جي ماڻهن کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. ڪن??ن به اهل ووٽر کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ کان نٿو روڪي سگهجي جڏهن ته هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا اهڙن ماڻهن کي جيڪي ملڪي مفاد يا سلامتي خلاف ڪا حرڪت ڪندي ڏٺا وڃن انهن کي روڪڻ جي اجازت هوندي. بيلٽ پيپرز، ووٽر لسٽ، بيلٽ باڪس، فارم 45 ۽ 46 سميت ڪوبه چونڊ مواد پنهنجي قبضي ۾ نٿا وٺي سگهن. ڪن??ن به اميدوار، چونڊ ايجنٽ، پولنگ ايجنٽ، مبصر يا ميڊيا جي نمائندن سان ڪن??ن به طرح جي بحث يا جهيڙي کان پاسو ڪندا. پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر يا پولنگ آفيسر جي ڪم ۾ ڪن??ن به طرح جي مداخلت نه ڪندا، پولنگ اسٽيشن ٻاهر ڪن??ن چونڊ بي قاعدگي جي الزام جو پاڻ جواب ڏيڻ بجاءِ ان معاملي کي پرزائيڊنگ آفيسر جي ڄاڻ ۾ آڻڻ گهرجي ۽ ان کان ضروري هدايتون وٺجن، جيڪڏهن پولنگ اسٽيشن تي اهو سلسلو جاري رهي ٿو ته پنهنجي آفيسر کي فوري آگاهه ڪن ته جيئن فورن قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي. ڳڻپ جي عمل ۾ ڪن??ن به طرح جي مداخلت نه ڪئي ويندي پر ڳڻپ جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن ٻاهر پنهنجي ڊيوٽي چڱيءَ ريت انجام ڏيندا ته جيئن ڳڻپ جو عمل پُرامن طريقي سان مڪ??ل ٿئي.
متعلقہ مضامین
-
SBCA calls for eco-friendly steps to devleop ‘sustabilable buildings’
-
Bahrain’s commander, air chief resolve to boost military cooperation
-
Govt launches hajj 2025 operations: First flights take off april 29
-
Lucky God Official Entertainment App - تفریح کا نیا انقلاب
-
خزانہ درخت سالمیت شرط اندراج
-
Super Strike Integrity Betting Entrance
-
Joint strategy suggested for vultures protection
-
PML-N announces manifesto ahead of AJK general elections
-
Man raped by taxi driver in Peshawar
-
US supports Pak’s flourishing democracy: Ambassador Hale
-
Ayaz Sadiq still undecided on Imrans disqualification reference
-
UHS barred from displaying open merit list for admissions