اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) پاران ملازمه کي رهائشي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ۾ صنفي امتياز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف سي ڊي اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر ??يو ته معا??ري ۾ عورتن سان ??متيازي سلوڪ رکي پاڪستان ??رقي نه ٿو ڪري سگهي، سي ڊي اي پاران هڪ جهڙي ڪم تي مرد کي گهر ڏيڻ ۽ عورت کي گهر ن?? ڏيڻ جو موقف افسوسناڪ آهي، مرد کي گهر الاٽ ڪرڻ جڏهن ته عورت کي الاٽ نه ڪرڻ انتهائي امتيازي سلوڪ آهي. هن سي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته هو صنفي امتياز کي فروغ ڏيندڙ پنهنجي قانونن کي بهتر بڻائي، صنفي امتياز پاڪستان ??ي بانين، اسلام جي منصفاڻي طرزعمل ۽ آئين جي روح جي خلاف آهي، سي ڊي اي وفاقي محتسب جي حڪمن تي عمل ڪري ۽ عورت جي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي. صدر ملازمه کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جو وفاقي محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو ته سي ڊي اي ملازمه (ڌوٻڻ) سان ??متيازي سلوڪ ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ مجاز اٿارٽي/ فورم کان منظوري ورتي وڃي. تفصيل موجب سي ڊي اي پاران ??ڳو مرد ڌوٻين کي رهائشي ڪوارٽرز الاٽ ڪيا پئي ويا. شهناز بيگم (شڪايت ڪندڙ) جو مرحوم گهروارو سي ڊي اي سان واڳيل ڌوٻي هو، مرحوم مڙس ڌوٻي ڪوارٽر جي الاٽمينٽ جي لاءِ سي ڊي اي کي درخواست ڏني هئي، گهرواري جي لاڏاڻي کانپوءِ بيواهه سي ڊي اي ۾ ڌوٻڻ جي حيثيت سان ??موليت اختيار ڪئي، عورت سي ڊي اي کي ڪوارٽر الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته سي ڊي اي ڪوارٽر سنيارٽي لسٽ ۾ موجود جونيئر ٻئي ملازم کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي عورت وفاقي محتسب سان ??اب??و ڪيو، جنهن سي ڊي اي جي امتيازي سلوڪ کي بدانتظامي قرار ڏنو. وفاقي محتسب عورت کي گهر جو الاٽمينٽ آرڊر جاري ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن ۾ تعميل جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي جڏهن ته ان ??ي ابتڙ سي ڊي اي محتسب جي حڪمن جي خلاف صدر ??ي درخواست ڪئي. سي ڊي اي موقف اختيار ڪيو ته شروع کان ??ي اها رهائش سي ڊي جي مرد ملازمن (ڌوٻين) کي الاٽ ڪئي ويندي آهي، رهائش ڪڏهن ڪنهن عورت (ڌوٻڻ) کي الاٽ نه ڪئي وئي، سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته ڌوٻي جي تعريف هڪ بالغ مرد ڪم ڪندڙ ڌوٻي طور ڪئي وئي آهي، ڌوٻي جي رشتيدارن جو مطلب رت جا رشتا يعني پيءَ، ڀاءُ ۽ پٽ آهن، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ تي خبر پئي ته سي ڊي اي سال 2000ع ۾ هڪ ڌوٻڻ کي هڪ ڪوارٽر جي الاٽمينٽ ڪئي هئي. صدر حقيقتن ۽ امتيازي سلوڪ جي بنياد تي سي ڊي اي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
متعلقہ مضامین
-
CM Bugti announces special grant of Rs one billion for Science College Quetta
-
Antalya Diplomacy Forum: CM Maryam proposes global pact for girls’ education
-
Pakistan ready to talk to India for demilitarisation
-
Pakistan closer to defeating polio disease
-
جوکر وائلڈ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
RSG Electronic آفیشل گیم پلیٹ فارم
-
لکی کاؤ آفیشل گیم آفیشل ویب سائٹ کی مکمل معلومات
-
یورپی بلیک جیک آفیشل ڈاؤن لوڈ لنکس اور مکمل گائیڈ
-
سرکاری تفریحی ویب سائٹ کو سمن اور فتح کی جدید تکنیکوں سے بہتر بنانے کی کاوشیں
-
موئے تھائی چیمپئن آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کا مکمل رہنما
-
ٹریژر ٹری ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
الیکٹرانک تحقیقات اور تفریح: قابل اعتماد ویب سائٹس کی اہمیت