اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي ڪنوينر غلام محمد صفي وفد سان گڏ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو ۽ يوم استحصال جي حوالي ??ان پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هتي جاري بيان مطابق ڪي پي ڪي هائوس آمد تي حريت ڪانفرنس جي وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. غلام محمد صفي سميت جنرل سيڪريٽري پرويز احمد ايڊووڪيٽ، سيڪريٽري اطلاعات مشتاق احمد بٽ، سيد فيض نقشبندي، اعجاز رحماني، راجا خادم حسين، حسن البنا، محمد اشرف ڊار، زاهد مشتاق ۽ ٻين اسلام آباد ۾ ڪي پي ڪي هائوس جو دورو ڪيو. ملاقات ۾ ڪنوينر غلام محمد صفي ڪشمير جي حوالي ??ان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جي رد ٿيڻ جتي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عال??ي اصولن جي خلاف ورزي آهي اتي عالمي برادري لاءِ کُليل چئلينج به آهي.ڇاڪاڻ ??ه ڪشمير مسئلو هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي ۽ ڀارت ان جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشميري ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ عالمي دنيا ان ڏينهن کي يوم سوڳ طور ملهائيندا. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪشمير م ڀارت طرفان جاري ظلم ۽ ڏاڍ، قتل ۽ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪندي چيو ته اسان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان کني?? سمورن غيرقانوني ۽ غير آئيني قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا. اسان والاريل ڪشمير جي عوام جي حق تي ٻڌل خوداراديت واري حق جي جدوجهد سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين ۽ حريت وفد کي يقين ڏياريو ته ڀارت کان آزادي جي ان جدوجهد ۾ پي ٽي آءِ پاڪستان ۽ پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اوهان سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ قيادت 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير ڀرپور طريقي سان ملهائيندي.
متعلقہ مضامین
-
Naqvi denies attending anti-China event in US
-
KP CM for legislation to curb professional begging
-
ایف ٹی جی کارڈ گیم ریپیوٹیشن بیٹنگ داخلہ
-
Panama leaks: PM reviews ToRs presented by opp
-
Imran mentally sick due to continued defeat in elections: Daniyal
-
Sushma urges Pakistan to back off from Kashmir
-
Punjab to undergo 7 hours of gas load-shedding
-
Reckless driving kills one, FIR lodged under hit-and-run
-
الیکٹرانک تحقیقات اور تفریح: قابل اعتماد ویب سائٹس کی اہمیت
-
گولڈ بلٹز انٹیگریٹی بیٹنگ ایپ: محفوظ اور شفاف جواری کا نیا پلیٹ فارم
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور اس کے استعمال کی مکمل گائیڈ
-
لائٹننگ رولیٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کا تعارف اور خصوصیات